پرڏيهين جي نيڪالي،پوليس، نادرا، ايف آءِ اي کي اهم ٽاسڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران حڪومت غير قانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ آپريشنل پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي.سنڌ جي نگران گهرو وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز جي صدارت هيٺ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيوبريگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته پهرين نومبر کان ڏيهه واپسي جو عمل شروع ڪيو ويندو، غير قانوني پرڏيهين لاءِ حاجي ڪئمپ ڪراچي، جيڪب آباد، حيدرآباد ضلعن ۾ هولڊنگ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.هن چيو ته انهن ڪئمپن ۾ فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي، پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واپس ويندڙ قافلن ۽ هولڊنگ سينٽرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائيندا، ڏيهه واپسي جي منصوبي تحت صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا پيا وڃن.سندس چوڻ هو ته ڪنٽرول رومز ۾ پوليس، نادرا، ايف آءِ اي ۽ اسپيشل برانچ جا نمائندا ذميواريون انجام ڏيندا، ڪراچي ۾ حاجي ڪئمپ هولڊنگ سينٽر تي ايف آءِ اي، نادرا ۽ پوليس جي مدد سان پرڏيهين جي ڊيٽا بيس کي حتمي شڪل ڏينداسين.نگران گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي جو ڪمشنر فوڪل پرسن طور پرڏيهين جي ٽرين ذريعي ڏيهه واپسي لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطي کي ممڪن بڻائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو