لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين 11 مهينن ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ پئسا اماڻي سول نافرماني جو سڏ رد ڪري ڇڏيو آهي.سال 2024 جي شروع وارن 11 مهينن ۾ ناڻي جي ذخيرن جي 31 سيڪڙو واڌ تي آجيان ڪريون ٿا. مريم اورنگزيب چيو ته هاڻ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪوڙ، فريب ۽ فراڊين جي ڪوڙن دلاسن ۾ اچڻ وارا نه آهن.هن چيو ته ماري ڇڏيو، ساڙي ڇڏيو، گارين، غنڊه گردي، ڪوڙ، فراڊ، سول نافرماني جي سڏ سان عوام جو پيٽ نٿو ڀرجي. 9 مئي جي ڏوهارين کان ملڪ جي ترقي، سنڀلجندڙ معيشت عوام جي خوشحالي هضم نه پئي ٿئي، جنهن کي اهي چئن سالن ۾ تباهه ڪري ويا هئا.مريم اورنگزيب چيو ته 9 مئي جا ڏوهاري ملڪ کي ڦرڻ، ملڪ کي باهيون ڏيڻ وارا ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستان سنڀلجندڙ معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. هي ڪڏهن ٻين تي الزام، ڪڏهن سائفر جي فراڊ تي ڪوڙيون ڳالهيون، هاڻ هنن جي ڪير به نه مڃيندو. آمريڪا منهنجي حڪومت ڪيرائي آهي، آمريڪا مون کي بچايو، ڪو شرم هوندو آهي، ڪا حيا هوندي آهي.مريم اورنگزيب چيو ته اسان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ٿورو ادا ڪريون ٿا جيڪي پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي. اٺ مهينن دوران مهانگائي جي رفتار 38 کان گهٽ ڪري 4 سيڪڙو ۽ پاليسي ريٽ 22 کان 13 سيڪڙو تي اچڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي.










