پريمي جوڙي ۾ ناراضگي، نوجوان جي خودڪشي، پريميڪا زخمي

ھالاڻي (طارق جان سهتو) ڳوٺ محمد صالح نانگور جي 20 سالن جي نوجوان روشن نانگور مسمات نازيه ڀيل جي محبت ۾ ناڪاميءَ تي پاڻ مٿان فائر ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. جڏھن ته ٻئي پاسي نازيه ڀيل گھر پھچي تيز ڌار آلي سان پنھنجو ڳلو ڪپي پاڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو. ٻنھي پريمي جوڙي ۾ گذريل ڇھن مھينن کان محبت ھلندڙ ھئي اڄ ٻنھي جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو نوجوان روشن نانگور پريميڪا کان وڇڙي گھر ۾ پھچي پاڻ مٿان سڌو فائر ڪري ماري ڇڏيو جڏھن ته پريميڪا چئن ٻارڙن جي ماء نازيه ڀيل تيز ڇري سان پنھنجو ڳلو ڪپي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. فوت ٿي ويل نوجوان کي ھالاڻي ۽ زخمي پريميڪا کي گمبٽ اسپتال موڪليو ويو. فوتيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو