پريمي جوڙو تحفظ لاءِ عدالت پهچي ويو

نوشھروفيروز(مشتاق مري) لاکاروڊ جو پريمي جوڙو تحفظ لاءِ عدالت پھچي ويو. سيشن جج جي عدالت ۾ پريمي جوڙو مسمات سميرا ۽ نور محمد درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته اسان شريعت محمدي مطابق ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي ان سبب اسان جا مائٽ درويش ڪوري، نظير ڪوري ۽ اختر علي ڪوري جان جا دشمن بڻجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ ڪارو ڪاري ڪري مارڻ چاھين ٿا ان لاءِ  اسان کي تحفظ فراھم ڪري ڏنو وڃي. عدالت اھڙو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ايس ايڇ او لاکاروڊ کان 12 سيپٽمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو