پريميڪا جو پريمي کي الوداع، والد سان هلي وئي

نوشهروفيروز)ن س) پريميڪا جو پريمي کي دوکو، اغوا ڄاڻايل ناري عدالت ۾ پيش، پيءُ سان گڏ رهڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو، پريمي لڙڪ هاريندو رهيو. سول جج حيدر علي ڀيو جي عدالت ۾ 2 ڏينهن اڳ مڙس شڪيل احمد پاران اغوا ڄاڻايل ناري ظهيران تڳر کي نوشهروفيروز پوليس مائٽن وٽان بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ناري بيان ڏيندي چيو ته مان پنهنجي پيءُ سکيل تڳر سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو. واضح رهي ته 7 مهينا اڳ شڪيل احمد ظهيران تڳر سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو جڏهن ته 2 ڏينهن نوشهروفيروز ٿاڻي تي پريمي شڪيل احمد تڳر جي ڀاءُ طارق علي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ناري جي مائٽن سکيل تڳر، محمد صفر، هاشم، غلام مصطفيٰ، محمد امين ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي هلان ڪري منهنجي ڀاءُ شڪيل کي زخمي ڪرڻ بعد ناري ظهيران تڳر کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. اڄ نوشهروفيروز اغوا ڄاڻايل ناري کي پنهنجي ئي مائٽن مان بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي هن والد سان گڏ رهڻ جو بيان ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو