پروڊيوسر سخي سرور خلاف ڪيس داخل

پروڊيوسر سخي سرور خلاف ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ اقبال ٽائون پوليس مشهور فلم ۽ ٿيٽر پروڊيوسر سخي سرور ۽ سندس پٽ خلاف اقبال ٽائون ٿاڻي ۾ فراڊ جو ڪيس داخل ڪري ورتو.ٿاڻي اقبال ٽائون ۾ داخل ايف آءِ آر موجب عدنان احمد شاهه نالي شخص 7 سال اڳ مشهور فلم پروڊيوسر سخي سرور جي پٽ حسن سرور کان ڪار خريد ڪئي. عدنان ڪار جي قيمت ادا ڪئي پر حسن کيس ڪار جو اصل فائل نه ڏنو، جڏهن عدنان شاهه فائل گهري ته فهد مشتاق نالي هڪ شخص پوليس ڪانسٽيبل هجڻ جو بهانو ڪري کيس فون تي ڌمڪيون ڏنيون.پوليس پاران فريب ۽ فون تي ڌمڪيون ڏيڻ جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو