پرويز الاهي کي پي ڊي ايم نامزد نه ڪري ها ته عمران وڏو وزير نه ڪري ها: سالڪ

پرويز الاهي کي پي ڊي ايم نامزد نه ڪري ها ته عمران وڏو وزير نه ڪري ها: سالڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير چوڌري سالڪ چيو آهي ته جيڪڏهن پي ڊي ايم پرويز الاهي کي نامزد نه ڪري ها ته عمران خان ڪڏهن به وڏو وزير نه بڻجي ها.هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته پ پ جي حمايت (ق) ليگ جو اندروني فيصلو هو، چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي اهو فيصلو پارلياماني ميمبرن سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو، پ پ کي وڏي وزير جي چونڊ ڪرڻي هئي.هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي ايم پرويز الاهي کي نامزد نه ڪري ها ته عمران خان ڪڏهن به وڏو وزير نه بڻجي ها، چوڌري شجاعت چيو ته پ پ ايم ڪيو ايم کي ڏنل زبان تي پورو لهي.

پهنجو تبصرو موڪليو