پرويز الاهي جي طبيعت خراب، اسپتال منتقل،ضروري چڪاس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي طبيعت خراب ٿي وئي.جيل ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اڊيالا جيل مان آر آءِ سي منتقل ڪيو ويو آهي.جيل ذريعن ٻڌايو آهي ته پرويز الاهي دل جي تڪليف ۽ چيسٽ انفيڪشن ۾ مبتلا هو، جنهن تي جيل اسپتال ۾ سندس طبي معائنو ڪيو ويو.جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي جو طبي معائنو آر آءِ سي ۾ ڪرايو ويندو.جيل ذريعن موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جا ڪجهه ضروري ٽيسٽ ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو