ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلشن حديد جي نجي اسڪول جي پرنسپال جون ليڊي ٽيچرز ۽ شاگردياڻين سان جنسي زيادتيءَ جون وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن،وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد پوليس پرنسپال عرفان غفور ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو،ايس ايس پي ملير سردار حسن نيازي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پرنسپال جون 25 وڊيوز مليون آهن، پرنسپال کي گرفتار ڪيو ويو آهي ايس ايس پي ملير سردار حسن نيازي موجب جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي پئي وڃي










