پراڻي ٽاورز ۽ ٻين هنڌن کي بهتر بڻائڻ واري منصوبي تي ڪم ڪريون پيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته هو پراڻي ۽ زبون حال مارٽن، ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي کي بهتر بڻائڻ واري منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي خوبصورت ٺهيل ٽاورن ۾ بهترين رهائش فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان جو مقصد اربن ريجوينيشن پروجيڪٽ شروع ڪرڻ آهي جنهن جو مقصد پراڻن ڪوارٽرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ ۽ مارٽن، ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرن جي خالي زمين تي ٽاور تعمير ڪرڻ آهي. هن چيو ته علائقي جي خوبصورتي کي قائم رکڻ لاءِ رهائشي ۽ ڪمرشل ٽاورن جي تعمير جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سيڪريٽري بلديات منظور شيخ، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان، ڊي جي ڪي ڊي اي طاهر سانگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهر جي اوڀر ۽ سينٽرل ضلعن ۾ 240 ايڪڙ زمين تي مارٽن، ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽر قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اها زمين وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهي. ان موقعي تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته انهن ڪوارٽرن جي ويجهو ڪچيون آباديون ڪي ايم سي جي ملڪيت آهن. هن ٻڌايو ته اها زمين ايم سي جي آهي جنهن تي وفاقي حڪومت ڪوارٽر ٺاهيا آهن. 1958 ۾ راڄڌاني جي منتقلي کانپوء وفاقي حڪومت پاران انهن جي صحيح نموني سارسنڀال نه ڪئي وئي. اهي ڪوارٽر وفاقي حڪومت جي ملازمن کي الاٽ ڪيا ويا هئا ۽ ريٽائرمينٽ کانپوءِ خالي نه ڪيا ويا ۽ ڪوارٽرن/گهرن جي ڀرپاسي جي خالي جاين تي قبضا ڪيا ويا. شڪيل منڱڻيجو سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ابتدائي سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مارٽن اينڊ جيل روڊ ڪوارٽرن جي زمين 81 ايڪڙ، ڪليٽن ۽ جهانگير جي 68 ايڪڙ، جهانگير روڊ (ويسٽ) ۽ نشتر روڊ تي پاڪستان ڪوارٽرن جي 32.13 ايڪڙ زمين آهي. پاڪستان ڪوارٽرز: پاڪستان ڪوارٽر 390 پلاٽن تي مشتمل آهن. سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته منصوبي جو مقصد هتان جي رهواسين جي پراڻن، غير محفوظ ڪوارٽرن کي جديد ٽاورز ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ عوامي هنڌن ۽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ آهي. ان موقعي تي چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته فيڪرٽيپي استنبول جو ڳتيل آبادي وارو علائقو آهي جيڪو پلاننگ جي کوٽ جو شڪار آهي. پروجيڪٽ 2012ع ۾ شروع ٿيو ۽ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو. هن ماڊل جو مطالعي ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن منظوري ڏني وئي ته شهر ۾ اهو طريقو اختيار ڪيو ويندو. سنڌ جي نگران وڏي وزير پي اينڊ ڊي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو جامع رٿابندي، انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن، سستي، جامي ترقي، گريدن بلڊنگ پريڪٽسز، ٿقافتي تحفظ، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي پهچ، حفاظتي اُپاءٌ ۽ ويسٽ ڊسپوزل مئنيجمينٽ بابت شهري رٿابندي جي مختلف پهلوئن جو جائزو وٺي. سنڌ جي نگران وڏي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته هو وفاق سان زمين جي مالڪي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهائيندو جڏهن ته پي اينڊ ڊي کاتي ۽ ڪي ايم سي کي منصوبي جي شروعات لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته اسان اهو منصوبو پي پي پي تحت شروع ڪري سگهون ٿا پر ٻين آپشنز تي به غور ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو