پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر جي اغوا جو شڪ

ميان صاحب (ن س) ميان صاحب ويجهو پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر جي اغوا جو شڪ ظاهر. ڳوٺ الهندو کوهارو مان 13 ورهين جو نينگر ناصر پٽ ربنواز کوهارو گذريل ڏينهن منجهند ڌاري اوچتو گم ٿي ويو هو، وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر جي ڪافي ڳولا ڪئي وئي آهي پر سندس ڪو به ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي. هنن شڪ ظاهر ڪيو ته لڳي ٿو ته نينگر کي اغوا ڪيو ويو آهي. پوليس وارثن کي خاطري ڪرائي آهي ته نينگر جي جلد ڳولا ڪئي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو