پاڻي ڏيو، بدين کان حيدرآباد تائين پيادل مارچ

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)ضلعو بچايو ڪميٽي طرفان بدين جي ڏاکڻين تعلقن جي ٽيل ۾ ۽ سامونڊي پٽي ۾ گذريل ڇهن مهينن کان زرعي ۽پيئڻ جي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف 9 جون تي ضلع بچايو ڪميٽي طرفان بدين کان  شروع ٿيل احتجاجي پيادل مارچ جيڪو ماتلي پهچڻ کانپوء ضلع بچايو ڪميٽي جي وچ ۾ اختلافن سبب هڪ ڏينهن لاء ملتوي ڪيو ويو هو ڇنڇر جي ڏينهن ٻيهر ماتلي کان ضلع بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر عزيز ڏيرو خليل ڀرڳڙي حفيظ ميمڻ عطا چانڊيو غفورچانڊيو جي اڳواڻي پيدل مارچ قافلو حيدر آباد ڏانهن روانو ٿي ويو آھي هي قافلو 14 جون تي حيدر آباد سيڊا آفيس اڳيان پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاء ڌرڻو هڻندا.ٻئي طرف سيڊا جي ذريعن کا ڄاڻ ملي آھي ته سيڊا ۽ ايريا واٽر بورڊ ضلع بدين جي چيئر مين جي ايس ايس پي حيدر آباد سان اهم گڏجاڻي ٿي آھي جنهن ۾ اهو طئه ڪيو ويو آھي ته بدين ضلعو بچايو ڪميٽي جي مارچ قافلي کي سيڊا آفيس اڳيان ڌرڻي واري هنڌ تي پجچڻ نه ڏنو ويندو بلڪ قافلي کي حيدر آباد شھر ۾داخل ٿيڻ جي به اجازت نه ڏني ويندي ذريعن اهو به ٻڌايو آھي ايس ايس پي حيدر آباد اها ذميواري ڊي ايس پي اورنگزيب عباسي جي حوالي ڪئي آھي اهو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آھي ته ضلعو بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن کي حيدر آباد جي حدن ۾ پهچڻ کان پهرين گرفتار به ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو