بدين (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته پاڻي چوري کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ ٽيل جي آبادگارن تائين پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن اها هدايت اڄ پنهنجي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ آبپاشي کاتي جي آفيسرن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر بدين محمد ماجد الطاف، ايڪسين ڦليلي ڪينال نعيم اختر ميمڻ، ايس ڊي او اختر حسين ٽالپر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. هن ايڪسئن ڦليلي ڪينال نعيم اختر ميمڻ کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بدين سان رابطي ۾ رهن ۽ پاڻي جي چوري کي روڪڻ ٽيل جي آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ آبادگارن سان ملاقاتون ڪيون وڃن. پاڻي چوري ڪندڙ خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ته هن چيو ته پاڻي جي خراب صورتحال باوجود ضلعي جي سمورن آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجو گزر سفر ڪري سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن لاڳاپيل ادارا سسٽم جي مالڪي ڪن ته پاڻي چوري کي روڪي سگهجي ٿو. هن لاڳاپيل آفيسرن کي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته توهان عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندا رهو اسان جو تعاون هميشه توهان سان گڏ هوندو










