پاڻي جي کوٽ ۽ پوليس زيادتين خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف معاملن بابت مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمور ۾ واهه بند هجڻ سبب سارين جو ٻيجارو سڙڻ خلاف، گهوٽڪي جي داد لغاري ۾ با اثر زميندارن پاران پاڻي چوري ڪرڻ ۽ دوڙ ۾ پوليس جي زيادتين خلاف ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمور مان جي ايم کوسو موجب پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شاخن ۽ واهن جي آبادگارن ڪسان بورڊ جي ضلعي اڳواڻ حاجي عبدالفتاح کوسو، عبدالستار کوسو ۽ عبدالله مزاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير عبدالحفيظ بجاراڻي چيو ته ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ 6 لک ايڪڙن تي ساريالو فصل پوکيو وڃي ٿو، اسان جا حڪمران ۽ آبپاشي جي اعلي عملدارن ملي ڀڳت ڪري زراعت کي ھٿ سان تباھي جي طرف ڌڪي رھيا آھن. هن چيو ته سارين جو ٻيجارو سڙي رهيو آهي ۽ آبپاشي عملدارن واهه بند ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته اهو اسنجو معاشي قتل آهي. هوڏانهن گڊوبئراج جي چيف انجنيئر غلام اسحاق عباسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گڊو بئيراج جي ساڄي پاسي واھن کي جلد کوليو ويندو. ھن چيو ته جيستائين دريا ۾ 150000ڪيوسڪس گڊو بئيراج وٽان نه پھچندو اوستائين کوٽ برقرار رھندي. گهوٽڪي ضلعي جي شهر داد لغاري مان نديم مھر مطابق نرلي مائنر مان بااثر زميندار پاران غيرقانوني طور هٿيارن جي زور تي لفٽ مشينن ذريعي زبردستي پاڻي چوري ڪرڻ ۽ آبپاشي عملي پاران ڪو به قدم نه کڻڻ خلاف متاثره آبادگارن  ميوو، حنان ، سلطان، محمد حسن ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن سيڊا ڊائريڪٽر غلام ياسين قريشي کان مطالبو ڪيو ته هو نوٽيس وٺي ۽ غيرقانوني طريقي سان پاڻي چوري ڪندڙ بااثر زميندار ڪريم بخش ۽ ڊاڪٽر محمود لغاري ۽ ملوث عملي داروغو عطامحمد جسڪاڻي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته بااثر زميندارن جي پيچ پيارو مائنر تي آهي جيڪي زبردستي نرلي مائنرمان نڪرندڙ واٽر ڪورس مان پاڻي کڻن ٿا. پاڻي چوري ڪرڻ کان روڪڻ تي اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هوڏانهن دوڙ مان نويد سنڌي موجب پوليس جي ڏاڍاين خلاف واسواڻا برادري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

دوڙ ٿاڻي جي اي ايس آئي ڌڻي بخش بروهي جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري اسٽار ڪالوني علائقي۾ بهه جي واپاري اعجاز علي واسواڻو جي رھائش گاھ تي رات 2 وڳي چڙھائي ڪري سندس ننڍي ڀاء اياز علي کي  کنڀي کڻي وئي پوليس جي اھڙي عمل خلاف واسواڻا برادري جي ماڻھن سدورو خان، سجاد علي ۽ ٻين اسٽار ڪالوني کان ريلي ڪڍي جيڪا شاھي بازار کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. هنن چيو ته پورهيت اياز علي کي ٿاڻي بدران ڳوٺ لياري ۾ رکي تشدد جو نشانو بنايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو