پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف احتجاج

پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف احتجاج

دادو(ن سنڌيار)عوامي پورهيت تحريڪ تعلقي دادو پاران دادو ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف علامه آئي آئي قاضي لائبريري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن نظير لنڊ، نواب مگسي، عبدالغني جوڻيجو، غلام رسول لغاري، اعظم خاصخيلي ايڊووڪيٽ، آفتاب عباسي چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ ۽ مهانگائي بدامني. بيروزگاري کي جنم ڏنو آهي، اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ سازش آهي جنهن جي تحت سنڌي قوم جيڪا هن ڌرتي جي هزارين سالن کان وارث آهي ان کي اقليت ۾ تبديل ڪري سندن حق ڦٻائڻ جي۔پنجاب سنڌو دريا تي ڏيڊ سئو سالن کان ڌاڙا ھڻي رھيو آھي ۽ ھينئر بـ پنجاب طرفان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳي رھيو۔سنڌو درياء سڪائي پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌي عوام جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي۔ اسين چاهيون ٿا ته هي سازشون بند ڪيون وڃن .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو