پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف متاثر آبادگارن جو احتجاج

شهدادڪوٽ(رپورٽ شاهد اعواڻ ) قبوسعيدخان، سجاول جوڻيجو، ڪچي پل، بهرام ۽ شهداد ڪوٽ جي مختلف شاخن ۾  زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف جي ڊي اي اڳواڻ مظفر بروهي پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، شهري جدوجهد ڪاميٽي جي سڏ تي شهدادڪوٽ، قبوسعيد خان، سجاول جوڻيجو، ڪچي پل، بهرام جي مختلف شاخن  ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف جي ڊي اڳواڻ مير مظفر بروهي، مير غيبي خان مغيري، مير امجد علي ميرجت، وهاب پندراڻي، حبدار ميرجت، مجاهد اعواڻ، آصف مگسي، حافظ عبدالرزاق مگسي، احمد نواز بروهي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي شاميانه هڻي ڌرڻو ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي،  روڊ بلاڪ سبب عيد خريداري لاء ايندڙ ماڻهن کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو ان موقعي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته    گذريل 3 مهينن کان آبادگار سرآپاء احتجاج آهن پر حڪومت جي ڪن تي جوئن نه ٿي چُري جو ڪوئي آبادگارن جي احتجاج جو نوٽيس وٺي هنن چيو ته سارين جي فصل جي مند ختم ٿيڻ واري اچي پهتي آهي پر پاڻي فصل لاء ته ٺهيو پيئڻ لاء به پاڻي ناهي، هنن چيو ته هن وقت تائين ساريالي فصل جو ٻيجارو به نه پوکجي سگهيو آهي اگر ڪٿي ساريالي فصل جو ٻج پوکيو ويو آهي ته اتي پاڻي جو هاري ٻج کي پاڻي ڏيڻ لاء نلڪي ذرعي پاڻي ڏيڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته لکين ايڪڙ زرعي زمين تباه ٿي ويندي هاري ۽ آبادگار فاقي ڪٺڻ تي مجبور ٿيندا علائقي ۾ بد امني ڪر کڻندي، هنن چيو ته اگر هاڻ به پاڻي نه مليو ته ٻئي مرحلي ۾ دمام دم مست قلندر ڪري ڊي سي آفيس قمبر اڳيان ڌرڻي هڻڻ بعد  بلاول هائوس ۽ سنڌ اسيمبلي جو گهراء پڻ ڪنداسين. ٻئي پاسي روڊ بند هجڻ ڪري سنڌ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ماڻهن کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو