پاڻيءَ جي کوٽ خلاف شهرين ريلي ڪڍي ڌَرڻو هنيو

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)پيارو اسٽيشن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف  شهرين پاران ريلوي فاٽڪ تي ڌرڻوهنيو ويو  پيارو اسٽيشن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف شهرين ريلي ڪڍي ريلوي فاٽڪ تي ڌَرڻو هنيو، شهرين سيد اخلاق شاھ، رياض خاصخيلي، يوسف چنا ، ذاڪر چانڊيو، امجد شاھ، نويد پنهور، منصور پنهور ۽ ٻين دانهيو ته پيارو اسٽيشن شهر کي ڪربلا بڻايو ويو آهي، هتي پاڻي پيئڻ لاء ناهي، هنن چيو ته شهر جي سيد پاڙي ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي فراهمي بند آھي، اسان واٽر سپلاء اسڪيم تي موجود ملازمن کي پاڻي هلائڻ جو چيو پر هنن اسان سان بداخلاقي ڪئي، هنن چيو ته اسانکي ننڌڻڪو سمجهي ملازمن گار گند ڪئي ۽ اسانکي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو، اسان مجبور تي ڌرڻو هنيون آهي پاڻي پيئڻ ۽ استعمال ڪرڻ لاء سخت پريشان آهيون زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، سرڪاري ملازمن جي روين پڻ انسانيت کي لڄايو آهي، مظاهرين تڪ جي ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سيشن جج دادو کان مطالبو ڪيو تہ پاڻي فراهم ڪري معصوم ٻارن ۽ اسانجون زندگيون آسان بڻايون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو