فوج هر آفت ۽ ڏکئي وقت ۾ قوم جي خدمت ڪئي:شجاعت

فوج هر آفت ۽ ڏکئي وقت ۾ قوم جي خدمت ڪئي:شجاعت

لاهور (م ڊ) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته پاڪ فوج هر آفت، مصيبت ۽ ڏکئي وقت ۾ قوم جي مدد ۽ خدمت ڪئي، فوج خلاف پروپئگنڊا برداشت جوڳي ناهي. پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته پاڪ فوج امن امان جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ قربانيون ڏنيون. هن چيو ته لسٻيلا سانحي جي شهيدن جي وارثن سان ڏک ۾ قوم برابر جي شريڪ آهي، سياستدان فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن، هر شئي برداشت ڪري سگهجي ٿي پر فوج خلاف پروپئگنڊا برداشت جوڳي ناهي. سندس چوڻ هو ته سياستدان سياسي معاملن کي پاسي تي رکي پروپئگنڊا مهم کي ناڪام بڻائين ۽ فوج جي مڪمل سپورٽ ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو