فوج قوم جي حمايت سان ملڪ دشمنن کي شڪست ڏيندي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج جو سڄو ڌيان وطن جي سرحدن تي آهي ۽ فوج قوم جي حمايت سان پاڪستان دشمنن کي شڪست ڏيندي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير خيرپور ٽاميوالي جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر بهاولپور سندس آجيان ڪئي.آرمي چيف خيرپور ٽاميوالي ۾ بهاولپور ڪور جي فيلڊ مشقن جو مشاهدو ڪيو، ان کانسواءِ هن آرمر، ميڪانائزڊ انفنٽري، آرٽلري، ايئر ڊفينس ۽ اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل جو به مشاهدو ڪيو.ان دوران آرمي چيف کي فيلڊ مشقن بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته آرمي چيف مشق ۾ حصو وٺندڙ ٽروپس سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب مشقن جو مقصد آپريشنل ماحول ۾ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مهارت کي وڌائڻ آهي. ان موقعي تي آرمي چيف هدايت ڪئي ته هر حال ۾ روايتي جوش ۽ جذبي سان قوم جي خدمت ڪندا رهو. جنرل عاصم منير چيو ته اسان چئلينجن کان چڱي ريت واقف آهيون، قوم جي حمايت سان ملڪ دشمنن جي ناڪام عزمن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته پاڪ فوج علائقائي سلامتي ۽ خود مختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي، فوج جي ڌيان وطن جي سرحدن جي دفاع تي آهي، قوم جي حمايت سان فوج ملڪ دشمنن کي شڪست ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو