پاڪ سعودي دفاعي تعاون جو ٽيون اجلاس، گڏيل معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي تعاون بابت جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٽيون اجلاس ٿيو جنهن ۾ گڏيل دلچسپي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ويو.آءِ ايس پي آر موجب اجلاس دوران فورم ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ شرڪت ڪندڙن طرفان ٻطرفن دلچسپي جي معاملن ۽ اڀرندڙ سيڪيورٽي ماحول تي ڳالهيون ڪيون ويون.آءِ ايس پي آر موجب فورم فوجي ٽيڪنالاجي ۾ تيز رفتار ترقي لاءِ دفاعي صنعت ۾ تعاون جي ضرورت تي غور ڪيو. جڏهن ته گڏيل مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ دفاعي صنعتي تعاون وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.اجلاس ۾ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ خود ڪفالت لاءِ سمورن شعبن ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو ويو. جڏهن ته فورم دفاعي تعاون ۽ تعاون جي رفتار کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو