پاڪ ايران تعلق، ايراني صدر ايندڙ مهيني پاڪستان ايندو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تحت ايراني صدر ابراهيم رئيسي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندو.موجوده پاڪستاني حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ايراني صدر ابراهيم رئيسي پهريون پرڏيهي سربراهه هوندو جيڪو پاڪستان جو دورو ڪندو.سفارتي ذريعن موجب ايراني صدر ابراهيم رئيسي 22 اپريل تي وفد سان پاڪستان پهچندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني صدر پاڪستان جي دوري دوران صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني صدر جي پاڪستان دوري دوران ٻه طرفي معاملن ۽ وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال سميت پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين منصوبي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو