پاڪستان ۾ 6 مهينن اندر 1304 ٻارڙن سان زيادتي جا واقعا پيش

سکر( امداد علي ڪلوڙ) پاڪستان اندر جنوري کان جون 2019 تائين ٻارڙن سان زيادتي جا 1304 ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن ۾ 575 ڇوڪرا ۽ 729 ڇوڪريون شامل آهن. جن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. ڇوڪرين جا رپورٽ ٿيل ڪيس وڌيڪ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ٻارڙن تي ٿيندڙ جنسي تشدد واري واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ساحل اين جي او جي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاري ۽ ليگل ايڊوائيزر ارشاد گهانگهرو سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته جنوري سال 2019 کان جون سال 2019 تائين جي 6 مهينن دوران جنسي زيادتي جي ڪيسن ۾ 378 ٻارڙن کي اغوا ڪيو ويو. 139 ڇوڪرين ۽ 153 ڇوڪرن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. 46 ڇوڪرين ۽ 88 ڇوڪرن کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. جڏهن ته 4 ڇوڪرين ۽ 12 ڇوڪرن کي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته 3 ڇوڪرين ۽ هڪ ڇوڪري سان اغوا بعد جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. جڏهن ته 14 ڇوڪرين ۽ 3 ڇوڪرن کي اغوا بعد اجتمائي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو. 106 ڇوڪرين ۽ 65 ڇوڪرن کي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي. گڏ ڪيل انگن اکر موجب رپورٽ ٿيل 1304 ٻارڙن سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدارن جو تعلق مختلف شعبن سان آهن جن مان 614 جوابدار اهي هئا جن کي متاثر ٻار پهريان کان سڃاڻيندا هئا. 142 غير واقفڪار، 35 پاڙيسري، 21 مائٽ، 8 استاد، 9 پوليس اهلڪار ۽ 20 مولوي شامل آهن. ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي جي رپورٽ ٿيل ڪيسن موجب هڪ کان 5 سالن جي عمر جا 75 ٻارڙا، 6 کان 10 سالن جي عمر جا 297، 11 کان 15 سالن جي عمر جا 414 ٻار ۽ 16 کان 18 سالن جي عمر جا 117 ٻار شامل آهن. جڏهن ته ڪجهه ٻارڙن جون عمريون رپورٽ ناهن ٿيون جنهن جو تعداد 401 آهي. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۾ 652، سنڌ ۾ 458، اسلام آباد ۾ 90، ڪي پي ڪي ۾ 51، بلوچستان ۾ 32 ۽ ڪشمير ۾ 18 زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هنن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. 59 سيڪڙو ڪيس ڳوٺن ۽ 41 سيڪڙيون ڪيس مختلف شهرن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. هنن ٻڌايو ته ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي وارن ڪيسن مان 1145 ڪيس پوليس وٽ رجسٽرڊ ٿيا آهن. 121 ڪيسن جي ڄاڻ نه ملي سگهي آهي ۽ 22 ڪيس رجسٽرڊ نه ٿي سگهيا آهن. ساحل اين جي او پاران بي ساهارا ٻارڙن کي قانوني مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي جتي به اهڙا ڪيس ٿين ته رابطو ڪيو وڃي اسين سندن هر قسم جي قانوني مدد ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو