جنيوا (ويب ڊيسڪ)انساني حقن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني کي سنگين خطرو آهي.جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو ته پاڪستان ۾ وڌندڙ تشدد ۽ وڏي پيماني تي گرفتارين جون خبرون پريشان ڪندڙ آهن.هن چيو ته پاڪستاني حڪومت جو فوجي عدالتن کي استعمال ڪرڻ جو ارادو عام ماڻهن جي مقدمي جي لاءِ استعمال ڪرڻ عالمي انساني حقن جي قانون تحت پنهنجي ذميوارين جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.ولڪر ترڪ وڌيڪ چيو ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪري ٿو ته پاڪستان کي مڪمل لاقانونيت ڏانهن ڌڪيو ويو آهي.هن چيو ته محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان جو واحد رستو انساني حقن، جمهوري عمل ۽ قانون جي حڪمراني سان گڏ هوندو.
