عيدالفطر سادگي سان ملهائي وئي، حڪومتي هدايتون رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ خميس تي عيدالفطر ملهائي وئي، حڪومت پاران ڪورونا وائرس سبب عوام کي عيد سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪئي وئي جنهن تي عمل ٿيندي نظر پيو اچي. ڀاڪرپائڻ ۽ گرمجوشي سان ميل ميلاپ کان پاسو ڪرڻ وارين هدايتن تي ڪيترن علائقن ۾ عمل نه ٿيو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽي کي شوال جو چنڊ نظر نه آيو هو پررات دير سان ساڍي يارهين وڳي سرڪاري طور اعلان ڪرايو ويو ته خميس تي عيد ٿيندي. سائنسي شاهديون رد ڪندي ڇنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي سربراهه مولانا عبدالخبير آزاد چيو هو ته عيد خميس تي ٿيندي. اڳ ۾ ڃيو هئائون ته ملڪ جي ڪنهن به شهر مان چنڊ نظر اچڻ جي شهادت ناهي ملي. موسميات کاتي جو چوڻ هوته چنڊ پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو 20 ڪلاڪ 40 منت بعد ڏسڻ ۾ ايندو يعني خميس تي سج لهڻ بعد نظر ايندو. ياد رهي ته اطلاعات واري وزير فواد چوڌري 2 ڏينهن اڳ ٽوئيٽ ڪندي چيو هو ته چنڊ خميس تي نظر ايندو ۽ عيد جمع تي ٿيندي. هن سائنسي طور اها ڳالهه ڪئي هئي پر سائنس کي مولوين غلط ثابت ڪرڻ لاءِ نظره ضرورٽ موجب عيد جو اعلان ڪري ڇڏيو. هوڏانهن اتر وزيرستان ۾ مقامي مولوين چنڊ اڱاري تي ڏسڻ جي دعويٰ ڪندي اربع تي عيد ملهائي هئي. حڪومت 7 مقامي مولوين جن چنڊ ڏسڻ جي شهادت ڏيندي عيد جو اعلان ڪيو ۽ اربع تي عيد پڙهي هئي انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پشاور قاسم خان واري مسجد مان عيد جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ سندن اپيل تي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي به خميس تي عيد ملهائڻ جو اعلان اربع تي رات جو ڪيو هو. ايئن پئي لڳو ڄڻ نظريه ضرورت موجب هن عيد جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو