پاڪستان ۾ بدامني، افغان سرزمين استعمال ٿيڻ جا ثبوت آهن: وزير

پاڪستان ۾ بدامني، افغان سرزمين استعمال ٿيڻ جا ثبوت آهن: وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شروعاتي جاچ موجب پشاور جي مسجد ۾ آپگهاتي حملو ٿيو آهي.هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته هو جاچ ڪندا ته سيڪيورٽي باوجود آپگهاتي بمبار ڪيئن پهتو.هن چيو ته پاڙيسري ملڪن جون انٽيليجنس ايجنسيون اسان جي خلاف آهن،بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته دهشتگرد مسجد ۾ پهرين قطار ۾ بيٺا هئا، دهشتگردن پوليس کي نشانو بڻايو آهي،هن چيو ته اسان جو هڪ صوبو هن وقت ڪنهن حد تائين جنگ جي حالت ۾ آهي، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان بحال ٿيندو،هن وڌيڪ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا، دوحه معاهدي ۾ طئي ٿيو هو ته افغان سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيندي، پر اهڙا ثبوت مليا آهن ته افغان سرزمين پاڪستان ۾ امن کي تباهه ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، ڪابل ۽ اسلام آباد گڏجي دهشتگردي خلاف جنگ ڪري. انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ افغانستان سان رابطو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو