اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون،ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2025ع کان 2027ع تائين جي روڊ ميپ تي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.آڊيٽر جنرل جي آفيس ۽ بيلاروس جي اسٽيٽ ڪنٽرول ڪميٽي جي وچ ۾ تعاون جي يادداشت جي مٽا سٽا ڪئي وئي، جڏهن ته مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام بابت هڪ ياداشت تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.پاڪستان نيشنل هڪريڊيٽيشن قونصلر ۽ بيلاروس جي هڪريڊيٽيشن سينٽر وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون ۽ انٽرنيشنل روڊ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان هڪ معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.ماحولياتي تحفظ جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي، اين ڊي ايم اي ۽ بيلاروس جي وزارت جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت جي مٽا سٽا ڪئي وئي.نيو ٽيڪ ۽ بيلاروس جي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جڏهن ته مطلوب جوابدار جي حوالگي تي به اتفاق ڪيو ويو.ڊريپ ۽ بيلاروس جي صحت واري وزارت جي وچ ۾ حلال شين جي واپار ۽ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.وزيراعظم شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون.ان کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو صدر لوڪاشينڪو ۽ سندس وفد کي 8 سالن جي وقفي کانپوءِ پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪري ٿو.هن چيو ته صدر لوڪاشينڪو جي آمد پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي.شهباز شريف چيو ته هو بيلاروس سان ٿيل معاهدن تي فوري طور تي عمل ڪندو ۽ ٻه طرفي سهڪار کي اڳتي وڌائيندو، لوڪاشينڪو هڪ دانشمند ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ آهي، ٻئي ملڪ مستقبل جي ايڪشن پلان تي سنجيدگي سان ملاقات ڪندا.وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي، زراعت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، ايم او يوز تي ايندڙ سال عملدرآمد ڪيو ويندو.هن چيو ته فلسطين ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 45 هزار بيگناهه ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگبندي جو مطالبو ڪريون ٿا.










