پاڪستان کي شڪست، انگلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز به کٽي ورتي

مانچسٽر(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز تان کٽي ورتي. وب ڊي ۾ پاڪستان اڳ ۾ ئي وائيٽ واش ٿي چڪو هو. پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ ڪئي ۽ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنز ٺاهيون، محمد رضوان 76 تي ناٽ آئوٽ رهيو، فخرالزمان 24 ۽ حسن علي 15 رنز ٺاهيون. عادل رشيد 4 ۽ معين علي هڪ وڪيٽ ورتي. انگلينڊ پاران جيسن راءِ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 36 بالن تي 64 رنز، ڊيوڊ ملن 31 ۽ مورگن 21 رنز ٺاهيون.حفيظ 3، شاداب ۽ عماد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو