پاڪستان کي جلد 4 ارب ڊالر ملندا: گورنر اسٽيٽ بئنڪ

پاڪستان کي جلد 4 ارب ڊالر ملندا: گورنر اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته پاڪستان کي جلد 4 ارب ڊالر ملندا.پنهنجي هڪ بيان ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ايندڙ 11 کان 12 مهينن تائين جاري رهندي، شهري مشڪل وقت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ قطر مان ملندڙ فنڊن سان پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌندا.هن وڌيڪ چيو ته 4 ارب ڊالرن جو مالي خسارو جلد ختم ٿي ويندو جڏهن ته ايندڙ 2 مهينن ۾ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ ختم ٿي ويندو.ڊاڪٽر ڪامران مرتضيٰ اهو به چيو آهي ته هو رپئي جي قدر کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سرگرم رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو