پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، زرداري

نواب شاهه(ن س) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامانيرين جي صدر آصف علي زرداري سان زرداري هائوس ۾ اڳواڻن ملاقات ڪئي.ترجمان موجب اڳوڻو صدر آصف زرداري سان گڏ طارق مسعود آرائين، حاجي علي حسن زرداري، علي اڪبر جمالي، چوڌري عبدالقيوم آرائين، چوڌري ايوب راجپوت، حاجي شعيب آرائين، چوڌري ايوب جٽ، عاشق زرداري ۽ ٻيا موجود هئا.صدر زرداري نواب شاهه جي عزادارن ۽ اڳواڻن جي وفد کان ايندڙ عام چونڊن ۽ سياسي حڪمت عملي بابت تجويزون ٻڌيون.آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مسلسل چونڊ ڪاميابي عوام جي اعتماد جو مظهر آهي، ڪراچي کان ڪشمير تائين پاڪستان پيپلز پارٽي زنده حقيقت آهي،عوام جي حمايت سان پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي حڪومت قائم ڪندي، انشاءَ الله

پهنجو تبصرو موڪليو