پاڪستان پاران غزه ۾ مستقل جنگبندي جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فلسطينين تي جاري بمباري کي روڪڻ ۽ غزه ۾ مستقل جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪري.هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ورلڊ ڪپ دوران جشن ملهائيندڙ ڪشميري نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي بند ڪري.فلسطين جي صورتحال تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان بيگناهه فلسطينين تي بار بار بمباري جي شروعات تي سخت مايوس آهي، پاڪستان مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو.ترجمان وڌيڪ چيو ته دنيا اسرائيل طرفان جاري جنگي ڏوهن، اسپتالن، عبادتگاهن ۽ تعليمي ادارن تي اسرائيل طرفان حملن تي ڳالهه ٻولهه ڪري، پاڪستان به اسرائيل ۾ طبي مرڪزن تي حملن جي عالمي جاچ جو مطالبو ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو