پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ فيسبڪ ۽ انسٽاگرام سروس  بحال

پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ فيسبڪ ۽ انسٽاگرام سروس بحال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيسبوڪ ۽ انسٽاگرام جون سروسز ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ بحال ڪيون ويون آهن. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ واهپيدارن کي ڪجهه ڪلاڪن تائين ميٽا جي انهن سروسز ۾ اڪائونٽس تائين پهچ ۾ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو هو. واهپيدارن ٻڌايو ته جڏهن به هو ايپ يا ويب سائيٽ تي سائن ان ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اڪائونٽ جي عارضي طور تي موجود نه هجڻ جو ميسج سامهون اچي ٿو. ان سان گڏوگڏ ان ميسج ۾ لکيل هوندو آهي ته ائين سائيٽ ۾ مسئلي جي ڪري ٿيو آهي ۽ ان کي جلد حل ڪيو ويندو، ان ڪري ڪجهه دير کانپوءِ ٻيهر ڪوشش ڪريو.ڊائون ڊيٽيڪٽر ويب سائيٽ موجب، پاڪستاني وقت جي مطابق منجهند جو هڪ وڳي جي قريب فيسبوڪ ڊائون ٿيڻ جي سرچز ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو. گھڻن واهپيدارن ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ ايڪس (ٽوئٽر) تي فيسبوڪ سروس متاثر ٿيڻ بابت ٻڌايو. اڃا تائين ميٽا پاران ان حوالي سان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو. ان ڪري اهو واضح ناهي ته ٻنهي پليٽ فارمز ۾ ڪهڙي فني (تڪنيڪي) خرابي پيدا ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو