اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ترسيل رقم ۾ 7.3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب پاڪستان کي 2022ع ۾ 29 ارب ڊالرن جي ترسيلات وصول ٿينديون جڏهن ته گذريل سال 31 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش ۽ سريلنڪا ڏانهن موڪليل رقم ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي.ورلڊ بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هن سال ڀارت کي 100 ارب ڊالرن جي رقم موڪلي وڃڻ جو امڪان آهي، جنوري ۽ سيپٽمبر جي وچ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ 36 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 80 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جن ۾ افغان پناهگير به شامل آهن.










