پاڪستان انگلينڊ ٽيسٽ سيريز, قومي اسڪواڊ جو اعلان، سرفراز به شامل

لاهور)ويب ڊيسڪ) پاڪستان انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي به شامل ڪيو ويو آهي.لاهور ۾ ميڊيا بريفنگ دوران چيف سليڪٽر محمد وسيم انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو.18 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان، عبدالله شفيق، ابرار احمد، اظهر علي، فهيم اشرف، حارث رئوف، امام الحق، محمد علي، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، نعمان علي، سلمان علي اهڙ، سرفراز احمد، سعود شڪيل، شان مسعود ۽ زاهد محمود شامل آهن.چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو ته اسڪواڊ جي چونڊ ۾ گهريلو پرفارمنس کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز پهرين ڊسمبر کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي، ٻي ٽيسٽ 9 ڊسمبر تي ملتان ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ٽيسٽ 17 ڊسمبر کان ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 27 نومبر تي پاڪستان پهچندي.

پهنجو تبصرو موڪليو