پاڪستان ادائگي تي راضي، گوگل ايپس بند ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو

پاڪستان ادائگي تي راضي، گوگل ايپس بند ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزارت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير امين الحق جي تجويز قبول ڪندي گوگل کي رقم ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير امين الحق وزيراعظم جي ناڻي بابت خصوصي معاون طارق باجوا سان رابطو ڪيو ۽ گوگل کي ادائيگين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان حوالي سان امين الحق جو چوڻ آهي ته شيڊول موجب ادائگيون ڪري سگهجن ٿيون ۽ ادا ڪيل گوگل ايپس پاڪستان ۾ بند نه ٿينديون.وفاقي وزير چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پاليسي تي عملدرآمد هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، ٽيلي ڪام آپريٽرز کي ادائيگي جي طريقيڪار تي عملدرآمد لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته هڪ مهيني ۾ آءِ ٽي ۽ ناڻي واري وزارت اسٽيٽ بئنڪ جي مشاورت سان ايڪشن پلان ٺاهيندي.امين الحق جو چوڻ هو ته ٽيلي ڪام آپريٽرز ان معاملي ۾ جي آءِ ٽي وزارت کي مدد جي اپيل ڪئي هئي، جنهن تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي خط لکيو ويو هو ته ادائگيون ڪيون وڃن ۽ ٽائم فريم ڏنو وڃي، جنهن تي باجوه جو شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو