دبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان، افغانستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ ٽي ملڪي سيريز پنهنجي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪي آهي.ذريعن موجب، سيريز کي اي سي سي جي اجلاس دوران سائيڊ لائن تي حتمي شڪل ڏني ويندي. ٽي ملڪي سيريز جي شيڊول ۽ جڳهن جو اعلان اي سي سي جي اجلاسن کان پوءِ ٿيڻ جو امڪان آهي.ٽي ملڪي سيريز ايشيا ڪپ 2025 کان اڳ يو اي اي ۾ منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته پاڪستان کي آگسٽ ۾ افغانستان جي ميزباني ڪرڻي هئي.پي سي بي سيريز جي بدران يو اي اي ۾ ٽي ملڪي سيريز منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.ذريعن موجب، يو اي اي ۾ سيريز جو مقصد ايشيا ڪپ کان اڳ جي حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ آهي.










