’پاڙيسري چنڊ تي پهچي ويا، اسان زمين تان نه پيا اٿي سگهون‘

لاهو: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته اسان جو پاڙيسري ملڪ چنڊ تي پهچي ويو پر اسان اڃان تائين زمين تان نه پيا اٿي سگهون. جسٽس شوڪت کي چيو ويو ته اسان کي ضمانت نه ڏيڻي آهي. منهنجي جڳهه تي اهڙي شخص کي آندو ويو جنهن اچي خوشحال ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو. (ن) ليگ جي پارلياماني بورڊ کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته 2017 خوشحالي جو دور هو ملڪ ۾ نه مهانگائي هئي نه ئي وري بيروزگاري. 2017 ۾ ماڻهو غربت جي لڪير کان نڪري رهيا هئا پاڪستان ترقي ۾ سڀني کان اڳيان هو. هن چيو ته 2017 ۾ روپئي جي قدر مضبوط هئي. مهانگائي نه هئي ماني 4 روپين جي ملندي هئي. عام واهپي جون شيون عوام جي پهچ ۾ هيون. ائين لڳي رهيو هو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو، پر اڄ ملڪ دلدل ۾ ڦاسي چڪو آهي. خبر نه آهي ته پاڪستان کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 4 ڏينهن جي ترقي کان پوءِ اسان واپس پوئتي وڃڻ شروع ٿي ويندا آهيون. جسٽس شوڪت عزيز ٻڌايو ته مون کي چيو ويو ته نوازشريف کي جيل کان ٻاهر ناهي ڇڏڻو. چيو ويو ته نوازشريف جيڪڏهن جيل مان ٻاهر نڪتو ته اسان جي 2 سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي. اهو حادثو پهريون ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي. هڪ شخص کي آڻڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو. اهڙي شخص کي آڻڻ کان پوءِ ملڪ جون حالتون سڀني جي سامهون آهن ملڪ ۾ مهانگائي ان شخص جي اچڻ کان پوءِ ٿي.نوازشريف چيو ته مون ۽ مريم نواز 150 پيشيون ڀوڳيون خبر ناهي ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي مون کي نااهل ڪري ڪڍيو ويو. دنيا ۾ ائين ڪهڙي هنڌ ٿيندو آهي. ته چونڊيل وزيراعظم کي ڪڍيو وڃي. اڄ ڪوڙا ڪيس ختم ٿي رهيا آهن. 3 ٻڌڻين ۾ عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيا.هن چيو ته 2013 ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ هئي، اسان 4 سالن ۾ ختم ڪئي. ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو. ڪراچي جو امن امان بحال ڪيو. ميٽرو بس ۽ اورنج لائن ڪنهن ٺاهي ملڪ ۾ اسان کان علاوه موٽر ويز ڪنهن ٺاهي. ان کان پهريان عوام ڏيڍ ڏيڍ ڪلاڪ ۾ سفر ڪندو هو، هاڻ اهو ساڳيو سفر 15 کان 20 منٽن ۾ طئي ٿي ويندو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان جا پاڙيسري ملڪ چنڊ تي پهچي ويا پر اسان انهن کان به تمام گهڻو پوئتي رهجي وياسين. ملڪ جي حالتن جا ذميوار اسان پاڻ آهيون. اسان پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هنيو ۽ هر اها قوم جنهن ترقي ڪئي انهن عورت کي ترجيح ڏني. عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ برابر جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. عورتن کي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻو پوندو. عورتن جي شموليت سان ئي ترقي جا حدف پورا ڪري سگهجن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو