screen shot. File photo

حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ سمجهوتو، عدم اعتماد جي رٿ ۽ آرڊيننس واپس

اسلام آباد (اياز مهر) حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ٿيل ڳالهين جي ڪاميابي بعد اپوزيشن ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف پيش ڪيل عدم اعتماد جي رٿ واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته حڪومت قومي اسيمبلي کان منظور ٿيل 9 آرڊيننس ۽ 2 بل واپس وٺندي اسٽينڊنگ ڪاميٽين ۾ غور لاءِ موڪليندي جنهن بعد ٻيهر منظوري لاءِ پيش ڪندي. حڪومت ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم سوري جي صدارت هيٺ 7 نومبر تي ٿيل اجلاس ۾ آرڊيننس ۽ بل منظور ڪرايا هئا جنهن تي اپوزيشن جماعتن ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جمع ڪرائي هئي. حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ٻن ڏينهن کان ڳالهيون هلي رهيون هيو. جمعي تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي صدارت هيٺ اسپيڪر چيمبر ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت طرفان اعظم سواتي، اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ علي محمد خان جڏهن ته اپوزيشن طرفان خواجه آصف، راجا پرويز اشرف، شازيه مري، محسن داوڙ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ وارو معاملو بحث هيٺ آيو ۽ حڪومت پاران اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ مشاور ڪرڻ بغير 9 آرڊيننس اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ واري مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ معاملن تي اتفاق ٿي ويو. اڄ قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ هلندڙ اجلاس ۾ ن ليگ جي اڳواڻ خواجه آصف ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف تحريڪ عدم اعتماد واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي اسد عمر چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جو معاملو افهام و تفهيم سان حل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت جي عددي اڪثريت جو ڪيترائي ڀيرا اظهار ڪيو آهي اسان نه ٿا چاهيون ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو عهدو متنازع بڻيل رهي اسان جنهن نظرئي سان ووٽ کڻي آيا آهيون ان کان هڪ انچ پوئتي هٽڻ نه ٿا چاهيون اپوزيشن به پنهنجو نڪته نظر بيان ڪري اهو ان جو حق آهي. اعظم سواتي چيو ته اسين ڪوشش ڪنداسين اتفاق راءِ سان اهي بل ٻيهر پاس ڪرايون.

پهنجو تبصرو موڪليو