اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جو اڄ جو گڏيل اجلاس 18 منٽ هليو، جنهن ۾ 4 بل منظور ڪيا ويا جڏهن ته 4 ملتوي ڪيا ويا.گڏيل اجلاس ۾ واپاري ضابطن جي ترميمي بل 2021 منظور ڪيو ويو، جڏهن ته درآمد ۽ برآمد ضابطن جي ترميمي بل پڻ منظور ڪيو ويو.گڏيل اجلاس ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي بل 2024 ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلنس بل 2024 پڻ منظور ڪيا ويا.ان کان علاوه، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ ترميمي بل 2023 کي ملتوي ڪيو ويو، جڏهن ته نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ ترميمي بل 2023 کي ملتوي ڪيو ويو.اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ملتان ترميمي بل 2023 ۽ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد ترميمي بل 2023 پڻ ملتوي ڪيا ويا. وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اسلام آباد ترميمي بل 2023 پڻ ملتوي ڪيو ويو. ٻئي طرف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جي احتجاج سبب اڄ ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪري رهيو هو. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اٽڪل هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، جنهن بعد مخالف ڌر جي اڳواڻ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي درخواست ڪئي پر اسپيڪر مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني.اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن ميمبرن سيٽن تي بيهي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ پڪا ايڪٽ نامنظور جا نعرا هنيا، صحافين تي ظلم ۽ مخالف ڌر ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.مخالف ڌر جي ميمبرن جي احتجاج ۽ شور باوجود اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي جاري رکي ۽ ايجنڊا تي حڪومتي قانون سازي جو عمل جاري رکيو.










