پارليامينٽ جي سيڪيورٽي ۾ ناڪامي، سارجنٽ ايٽ آرمز معطل

پارليامينٽ جي سيڪيورٽي ۾ ناڪامي، سارجنٽ ايٽ آرمز معطل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ ۾ سيڪيورٽي ناڪامي سبب سارجنٽ ايٽ آرمز قومي اسيمبلي کي 4 مهينن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو. هاڻ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 20 گريڊ جي سارجنٽ آرمز قومي اسيمبلي محمد اشفاق اشرف کي پارليامينٽ هائوس جي سيڪيورٽي جي معاملي تي 4 مهينن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي.ان کان علاوه سردار اياز صادق به پارليامينٽ ۾ سڪيورٽي خراب ڪرڻ تي چئن سيڪيورٽي اهلڪارن کي 4 مهينن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو.معطل ٿيلن ۾ سيڪيورٽي اسسٽنٽ وقاص احمد ۽ 3 جونيئر اسسٽنٽ سيڪيورٽي آفيسر عبيدالله، وحيد صفدر ۽ محمد هارون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو