ٽڪ ٽاڪ تي صارفين جي ڊيٽا جمع ڪري چين موڪلڻ جا الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني ڪمپني بائيٽ ڊانس جي ملڪيت هيٺ ايپلي ڪيشن ٽڪ ٽاڪ کي ان جي 15 سيڪنڊن جي وڊيو سڄي دنيا ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اها تمام گهڻي تيزي سان فيس بڪ لاءِ وڏو خطرو بڻجندڙ ايپ ثابت ٿي رهي آهي. ان باوجود هاڻي ٽڪ ٽاڪ تي الزام لڳايو ويو آهي ته هو صارفين جي ذاتي ڊيٽا گڏ ڪري چين موڪلي رهي آهي. اهو الزام گذريل هفتي آمريڪا ۾ ڪيليفورنيا فيڊرل ڪورٽ ۾ داخل ڪيس ۾ لڳايو ويو آهي. ڪيس ۾ چيني ڪمپني تي اهو الزام به لڳايو ويو آهي ته هو صارفين جي مواد جهڙي طرح ڊرافٽ وڊيو کي به پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏي ٿي جڏهن ته ان جون پرائيويسي پاليسيون به مبهم آهن. درخواست مطابق مبهم پرائيويسي پاليسي جي نتيجي ۾ اهو خدشو ٿئي ٿو ته ٽڪ ٽاڪ کي آمريڪا ۾ صارفين جي شناخت ڪرڻ، پروفائل ٺاهڻ ۽ ٽريڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.مقدمي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽڪ ٽاڪ جي ننڍي وڏي تفريح جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اهو الزام ان وقت سامهون آيو جڏهن آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان حڪومت پاران جائزو ورتو پيو وڃي. اهو ڪيس ڪيلفيورنيا سان تعلق رکندڙ هڪ شاگردياڻي مسٽي هونگ داخل ڪرايو آهي جنهن ڄاڻايو آهي ته ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ اڪثر ماڻهن جي چهرن کي تمام ويجهي کان ڏيکاريو وڃي ٿو جنهن سان ڪمپني پنهنجي صارفين جي بايوميٽرڪ ڊيٽا کي جمع ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. درخواست مطابق ان شاگردياڻي مارچ يا اپريل 2019 ۾ ٽڪ ٽاڪ کي ڊائون لوڊ ڪيو هو ليڪن پنهنجو اڪائونٽ نه ٺاهيو هو پر ڪيترائي مهينا گذرڻ بعد ان دريافت ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ ان جو هڪ اڪائونٽ ٺاهي رکيو آهي. هن ٽڪ ٽاڪ ۾ 5 کان 6 وڊيو تيار ڪيون ليڪن انهن کي سيو يا پوسٽ نه ڪيو پر پوءِ به ٽڪ ٽاڪ ان وڊيوز ۽ شاگردياڻي جي ڊيٽا جمع ڪري چين ۾ موجود سرورز کي موڪلي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو