ٽي ٽوئنٽي قومي ٽيم جو اعلان، عمر، شهزاد ۽ فهيم اشرف شامل

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر سريلنڪا سان ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽن ميچن لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن موجب 16 رڪني ٽيم ۾ سرفراز ڪپتان، بابر اعظم نائب ڪپتان، عمر اڪمل، احمد شهزاد، فهيم اشرف، آصف علي، فخرالزمان، محمد حسنين، حارث سهيل، افتخار احمد، عماد وسيم، محمد نواز، محمد عامر، وهاب رياض، شاداب خان ۽ عثمان شنواري شامل آهن. امام الحق، عابد علي ۽ محمد رضوان کي شامل ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو