حڪومت پاران ٽيڪس چورن خلاف گهڻ رخو آپريشن شروع

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم جي هدايت تي ٽيڪس جو نيٽ ورڪ وسيع ڪرڻ لاءِ پنج نڪاتي فارمولي تي فوري عمل جو حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن موجب 5 لک ۽ ان کان وڌيڪ رقم اڪائونٽ ۾ رکندڙن جي ڊيٽا جو اسٽيٽ بئنڪ جائزو وٺي کين ممڪنه ٽيڪس دائري ۾ آڻيندي. ملڪ جي سمورين بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين کي چيو ويو آهي ته هو تجارتي ۽ صنعتي صارفين جي بلن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٻڌائن ته ڪهڙا ڪهڙا ٽيڪس نٿا ڀرين ۽ گوشوارا جمع نٿا ڪرائين. 2 ڪنال يعني 1000 گز جي گهرن جي مالڪن ۽ ڪرائيدارن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ هائوسنگ فائونڊيشن، رجسٽريشن جي ادارن، مختلف شهرن جي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽيز سميت وڏين اسڪيمن کان ڊيٽا وٺي ٽيڪس نه  ڀريندڙن جي نشاندهي ڪري کين ٽيڪس نيٽ ۾ آڻيو. 2400

سي سي يا ان کان وڌيڪ پاور واريون گاڏيون رکندڙن جي ڊيٽا هٿ ڪرڻ لاءِ موٽر رجسٽريشن اٿارٽيز، ڪار مينوفيڪچرر ۽ ايڪسپورٽرز کان ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته نادرا ۽ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو تڪڙا پرڏيهي دوارا ڪندڙن جي ڊيٽا مرتب ڪري ٽيڪس نه ڏيندڙن جي نشاندهي ڪن. اهڙو حڪم وزيراعظم جي هدايت تي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ممبر ان لينڊ روينيو سيما شڪيل جي صحيح سان جاري ڪيو ويو آهي. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ٽيڪس جو نيٽ ورڪ وسيع ڪرڻ لاءِ ڪافي معاملن تي ڪم هلي رهيو آهي پر هنن 5 نقطن تي فوري عمل لاءِ چيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو