ٽيڪسي ڊرائيور سميت 3 ڄڻا اغوا، پوليس خاموش تماشائي

خيرپور(ڊ ر)پيرڳوٺ  جو ٽيڪسي ڊرائيور ضمير شيخ عبدالخالق جاگيراڻي. شاهنواز جاگيراڻي  مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن  ان ڏس ۾ اغوا ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور ضمير شيخ  جي پٽ وقار شيخ جو چوڻ آهي ته هن جو پيء ٽيڪسي ڊرائيور آهي ان کي جاگيراڻي برادري جي عبدالخالق عرف زخمي جاگيراڻي. شاهنواز جاگيراڻي ڀاڙي تي ڪار ڪرائي وٺي ويا جنهن کي 4 ڏينهن گذري ويا آهن پر واپس نه موٽيا آهن مغوي جي مائٽن موجب  جاگيراڻي برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته  ٽئي ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن. سندن موجب ڌاڙيل نواب جاگيراڻي کين اغوا ڪيو آهي. واقعي جو پير پاڳاري کي اطلاع ڪيو ويو آهي جنهن پوليس کي بازيابي جي هدايت ڪئي آهي. پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو ۽ خاموش تماشائي بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو