ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ پنهنجي عملي کي 19 ڪروڙ 70 لک ڊالر بونس ڏئي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 36 ورهين جي ٽيلر سوئفٽ 21 ملڪن ۾ 149 ڪنسرٽس ڪيا، ۽ انهن عالمي دورن دوران هن رڳو ٽڪيٽن مان 2 ارب ڊالر ڪمائي ورتا.
جڏهن ٽيلر سوئفٽ عملي کي 197 ملين ڊالر بونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته ماڻهن جي اکين ۾ خوشي جا ڳوڙها اچي ويا.
ان کان علاوه، گلوڪارا پنهنجي عملي کي ٿورا مڃڻ لاءِ هڪ شڪريي جو خط پڻ لکيو آهي.










