ٽيسٽ پاس ڪندڙ ويڪسينيٽرز کي آرڊرنه ملڻ خلاف مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر) اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ويڪسينيٽرز کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عامر کوسو، نور علي جکراڻي، صدام نائڇ، گلمير جکراڻي، اعجاز کوسي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 2018 ۾ اين ٽي ايس پاران ويڪسينٽرن جي ڀرتي لاءِ اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وئي هئي جنهن ۾ يوسي وائز پوزيشن کڻندڙ اميدوار کي ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ 3 مهينا اڳ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کان انٽرويو به ڪيا ويا پر هن مهل تائين صحت کاتي پاران آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا. احتجاج ڪندڙ اميدوارن سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي آهي ته ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو