مورو (اياز سولنگي) قومي شاهراھ ٽول پلازه وٽ چانڊيا برادري جي ڄڃ تي مورو ٽول پلازه جي ملازمن جو حملو، متاثرين جو احتجاج، ڌرڻو، قومي شاهراھ بند. ان موقعي تي متاثرين ڊاڪٽر رحمت چانڊيو، اصغر چانڊيو، ممتاز چانڊيو، راهب چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان نورپور کان مورو طرف اچي رهيا هئاسين ٽول ٽيڪس ڏيڻ باوجود به عملي پاران اسان مٿان تشدد ڪيو ويو آھي.

معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو آھي هي ڪٿان جو انصاف آھي ته ٽول پلازه وارا لوڪل ماڻھن سان اهڙو رويو رکن ۽ بدترين تشدد ڪن اسان کي انصاف کپي اسان جي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف قومي شاهراھ بند ٿيڻ جي ڪري سوين گاڏيون روڊ جي ٻنھي طرف بيھي ويون ويون آهن. جڏهن ته متاثرين جي ڪوريج ڪرڻ دوران ٽول پلازه جي ملازمن پاران صحافين کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. ٻئي طرف حد جي پوليس ۽ موٽروي واقعي واري هنڌ پهچي چڪا آهن.










