ڪيليفورنيا: (ويب ڊيسڪ) ٽوئٽر پئسن عيوض تصديق ٿيل اڪائونٽس جي سبسڪرپشن جي منصوبي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.ايلون مسڪ توئٽر جو ڪنٽرول سنڀالڻ کان پوءِ معاشي بدحالي کي جواز بنائيندي اعلان ڪيو هو ته هاڻ تصديق ٿيل اڪائونٽ کي ماهوار 8 ڊالر ادا ڪرڻا پوندا.پئسن عيوض تصديق ٿيل اڪائونٽس جي سبسڪرپشن جو عمل پهريان آءِ فون صارفين جي لاءِ شروع ڪيو ويو. پر هاڻ ان سروس کي معطل ڪيو ويو آهي.عالمي ميڊيا موجب سبسڪرپشن پلان متعارف ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو اهم شخصيتن ۽ ادارن جي تصديق ٿيل جعلي اڪائونٽس جي انگ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو. جعلي اڪائونٽس ايتري قدر وڌي ويا جو ٽوئٽر کي ڪجهه صارفين جي لاءِ ڌار آفيشل پيج به جاري ڪرڻو پيو. ٽوئٽر ان حوالي سان في الحال ڪوبه بيان جاري ناهي ڪيو.
