ٽماٽا پٽڻ جي الزام ۾ ناريءَ تي تشدد، وارثن جو احتجاج

ڊرگھ بالا (محمد اسماعيل لانگاهه) واهي پانڌي ويجهو ڳوٺ محمد علي جمالي ڀرسان زرعي زمين مان ٽماٽا چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ ناري خيرا باگڙي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. واهي پانڌي پوليس ناري تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ناري جي پيءَ کي ٿاڻي تي کڻي لاڪپ ڪري ڇڏيو. واهي پانڌي پوليس جي اهڙي عمل خلاف تشدد جو نشانو  بڻيل ناري ۽  باگڙي برداري جون عورتون ٿاڻي اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ناري جي وارثن دانهيو ته اسان جي جوان ڇوڪري کي ٽماٽا چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ تشدد جو نشانو بڻايو ويو پوليس وري اسان جي همراھ نانڪ باگڙي کي گرفتار ڪري ناحق ڪيو آهي. باگڙي برادري جي اهڙي احتجاج بعد ناري جي گرفتار پيءَ کي آزاد ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين فيصلو واريو آھي جنهن ڪري نانڪ باگڙي کي آزاد ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو