ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر، 3 زخمي، 1 جي حالت ڳڻتي جوڳي

لکي غلام شاھ (نثارمنگي ) جاڙا واھ وٽ تيز رفتار ٽرڪ ۽ بُهه سان ڀريل ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر تي سوار ڊرائيور سميت 3 ڄڻا 35 سالن جو محمد حنيف پهوڙو، 30 سالن جو اياز احمد ۽ 32 سالن جو بلامي پهوڙو ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيا جن کي بروقت لکي پوليس ۽ رستي وارن اسپتال پهچايو، جتي زخمين جو علاج ڪيو ويو. جڏهن ته زخمين مان هڪ ڄڻي محمد حنيف جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سکر ريفر ڪيو ويو. ٻئي طرف لکي پوليس ٽرڪ ڊرائيور ۽ گاڏي کي پنهنجي طويل ۾ وٺي لکي ٿاڻي تي آندو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو