نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري) ٻانڌي شوگر مل ڀرسان ڪمند سان ڀريل بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي کي ڪار جو ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏھن ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو فوتين ۽ زخمين کي ٻانڌي پوليس نواب شاھ جي پي ايم سي اسپتال. کڻائي پھتي. ڪار ۾ موجود فوت ٿيندڙ ماڻھن جي سڃاڻپ شھدادپور واسي عظيم بلوچ، عرفان بدر لاکو ۽ غلام رسول آرائين ۽ جڏھن ته زخمي جي سڃاڻپ کڏھڙو واسي حماداللہ طور ٿي آھي. ٻانڌي پوليس موجب برسات ۽ تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو آھي. جڏھن ته فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.










